’انب ۽ کنڀ‘ ۾ ٻه-چپوين آواز کان اڳ جڙندڙ ’م‘ آواز جي حيثيت

’انب ۽ کنڀ‘ ۾ ٻه-چپوين آواز کان اڳ جڙندڙ ’م‘ آواز  جي حيثيت

       عام طور اهو سوال  ڪيو  ويندو آهي ته ’انب‘ يا ’کنڀ‘ ۾ آواز ’ميم‘ جو نڪري ٿو  ۽ صورتخطيءَ ۾ ’نون‘ جو اکر ڪم آڻيندا آهيون، سو ڇو؟
ان نڪتي جي نتيجي ڪڍڻ لاءِ جيڪڏهن ان جي مختلف پاسن تي تفصيلي ڪم ڪجي ٿو ۽ ان جا مختلف پاسا جاچجن ٿا ته ڪم ڪافي طوالت وٺي سگھي ٿو ۽ هڪ ٿيسز جو روپ وٺي سگھي ٿو. هتي صرف انتهائي مختصر اڀياس ڪرڻ جي ڪوشش ڪجي ٿي.
آواز جو پاڻ ۾ ضم ٿيڻ يا قريب مخرج سبب آوازن جو پاڻ ۾ مٽجڻ لاءِ، ’سَنڌي‘ جو اصطلاح ڪم آندو ويندو آهي. انگريزيءَ ۾ ان کي Assimilation ۽ عربيءَ ۾ ’اِدغام‘ ۽ ’اِقلاب‘ جهڙا اصطلاح ڪم آندا ويندا آهن. اهڙن اصطلاحن جي بنيادي فرقن تي جيڪڏهن ڪم ڪجي ٿو ته اهو پڻ هڪ الڳ سان جبل ٽاڪڻو پوي ٿو.
مختصراً، Assimilation ۽ ’سَنڌيءَ‘ جي نوعيت مان خيال ٿئي ٿو ته ٻنهي لفظن ۾ ويجهڙائپ آهي. اصطلاح ’سَنڌي‘ ڪافي وسعت رکي ٿو، يعني ’آوازن جو هڪٻئي ۾ ضمّ ٿيڻ‘ ۽ ’هڪ آواز جو ٻئي آواز سان مٽجڻ‘ هن اصطلاح ۾ شامل ڪري سگھجي ٿو. پروفيسر جتوئي آوازن جي اهڙي ’اِقلاب‘ کي ’داخلي ادغام‘ ۽ ڊاڪٽر الانا اصطلاح ’ادغام‘ کان پاسو ڪندي ’سَنڌي‘ ڪم آندو آهي، جيڪو پڻ ڪنـﮨـن حد تي مناسب آهي.
عربي اصطلاحن موجب آوازن جي تبدّل جا ٻه ڍنگ سامهون اچن ٿا، هڪ: ’تَقلِيب‘ (Metathesis) ۽ ٻيو ’اقلاب‘ جنـﮨـن کي Assimilation ۾ شمار ڪري سگھجي ٿو. ’اقلاب‘ بابت  امير الدين صاحب ڄاڻائي ٿو ته: ”اقلاب معنى مٽائڻ، يعني غني جي رعايت رکي بغير شد جي هڪ حرف کي ٻئي حرف سان مٽائڻ. اقلاب جو هڪ حرف ’با‘ آهي. اقلاب ان کي چئبو آهي جو نون ساڪن ۽ نون تنوين کان پوءِ حرف ’با‘ اچي ته نون ساڪن ۽ نون تنوين کي ميم سان مٽائي غنو ڪري پڙﮩـجي؛ جيئن:
مِنۡ بَعۡدِ، اَلِيمٌ بِما.  (امير، ؟: 44- 48)
(يعني ان کي پڙهبو: مِم بعد، اليمُم بِما)
عبدالـﮨـادي سرهئي صاحب ان معاملي کي ’اخفاء‘ ڪوٺيندي، ان جي قاعدي بابت ڄاڻائي ٿو ته: ”ميم ساڪن، نون ساڪن ۽ تنوين کان پوءِ جيڪڏهن ’ب‘ ايندي، ته اتي نون کي ميم سان مَٽائي غنو ۽ اخفاء ڪري پڙﮩـبو، جيئن: ’ب‘ تي شدّ نه اچي؛ مثلاً: مِنۡ بَعۡدِ، اَلِيمٌ بِما، تَرميـﮨـمۡ بحجارة، صمٌّ بُڪمٌ. (سرهيو، 1976: 31)
هونئن ته ’اِقلاب‘، ’اخفاء‘ يا Assimilation تي نئين سِري سان ڪم ڪرڻ جي گھرج آهي، ليڪن هت صرف طوالت کان بچڻ لاءِ اِقلاب/ سَنڌي/ Assimilation جي صرف هڪ آواز/ اکر تي ٻيهر نظر رکڻ جي گھرج پيش اچي ٿي، ڇاڪاڻ ته ان ’مسئلي جي نوعيت‘ تي درست رخ کان ڪم ٿي ڪونه سگھيو آهي.
پروفيسر علي نواز جتوئي صاحب هن حوالي سان لکي ٿو ته: ”سنسڪرت جو لفظ ’سمڌي‘ ڦري ’سَنڌي‘ ٿيو آهي، ڇو ته [ڌ] جو مخرج مٿين ڏندن جو اندريون پاسو آهي، جنـﮨـن جي اثر سببان [م]، جنـﮨـن جو مخرج ٻه چپ آهن، ڦري [ن] ٿيو آهي، جنـﮨـن جو مخرج وري مـﻫـارن يا مٿين ڏندن جو اندريون پاسو آهي. انگريزي زبان ۾ /Impossible/ اصل ۾ /In + possible/ آهي، جنـﮨـن مان [p] جي اثر سببان [n] بدلجي [m] ٿي وئي آهي. سنڌي زبان ۾ /انب/ جو اچار [امب] آهي، جنـﮨـن ۾ [ب] جي اثر سببان [ن] ڦري [م] ٿي پوي ٿو.“ (جتوئي، 1996: 82) 
ويجهر ۾ مجاهد حسين سولنگي صاحب ’ادغام‘ ۽ ’سَنڌي‘ جو گلقند بڻائي لکي ٿو ته: ”هاڻي اسين سنڌي ٻوليءَ جي لکڻ جو نمونو به انگريزي ٻوليءَ جي Assimilation جي قاعدي وانگر لکون يا نه يعني مثال ’انب‘ کي ’امب‘. انهيءَ سلسلي ۾ هڪ ڀيري ڊاڪٽر ٻگھئي صاحب سان روبرو ڪچـﮨـريءَ جو موقعو ٿيو هو، سائينءَ ٻڌايو ته انگريزي ٻوليءَ جا اهڙا لفظ جيڪي ادغام ڪري اچار مطابق اڄڪلهه لکيا ٿا وڃن، تن جي صورت هاڻي تبديل ڪري بظاهر اهو مسئلو حل ڪيو ويو آهي … مطلب ته هر ٻوليءَ لاءِ ڪي نه ڪي مسئلا ضرور آهن. باقي سنڌي ٻوليءَ ۾ ادغام جي استعمال جي باري ۾ ڊاڪٽر ٻڌايو ته اهڙا لفظ جن جو اچار ’ب‘، ’ٻ‘ ۽ ’ڀ‘ کان پـﮨـريان ’نون‘ اچي ته، ’ميم‘ سان ٿيندو ۽ اهڙا سڀئي لفظ لکبا ’نون‘ سان.“ (سولنگي، جون 2010: 150)
سولنگي صاحب اڳتي لکي ٿو ته: ”معلوم ٿئي ٿو ته ادغام ٻن نمونن سان سنڌي ٻوليءَ ۾ڪم ڪري ٿو. (1) ساڳين آوازن يا هم مخرج اکرن کي حذف ڪري ٿو، مثال: ’يادداشت‘. هن لفظ جي پـﮨـرئين پد ’ياد‘ جي پوئين آواز ’د‘ ۽ پوئين پد ’داشت‘ جي پـﮨـرئين آواز ’د‘ جي ساڳئي آواز هجڻ جي ڪري هڪ ’د‘ حذف ٿي ياداشت لفظ جڙي ٿو. (2) ته هن ادغام جي قسم ۾ ڪنـﮨـن لفظ جي پـﮨـرئين ۽ پوئين آواز جي اثر سبب ’نون‘ هڪ نئون ’ميم‘ جو آواز پيدا ڪري ٿو. مثال: ’کنڀ‘ لفظ ۾ پـﮨـرئين اکر ’ک‘ ۾ پوئين اکر ’ڀ‘ جي اثر سبب ’نون‘ ’ميم‘ جو آواز ڏئي ٿو. اهڙي نموني سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪيترائي اهڙا لفظ موجود آهن، جيڪي ٻنهي طريقن سان ادغام جو روپ وٺي استعمال ٿين ٿا. پوئين قسم جي ادغام جي شاهدي قرآن مجيد جي صورتخطي پڻ ڏئي ٿي … ساڳئي نموني سان سنڌي ٻوليءَ ۾ ’کنڀ، انب، ٿنڀ، قنبر‘ وغيره جا اچار ’ميم‘ سان ٿيندا ۽ انهن جي صورتخطي ’نون‘ سان لکبي. سنڌي ٻوليءَ جي مستند ڪتابن ۾ به ٻئي نمبر سَنڌي يا ادغام جي درست صورت لکيل نه آهي.“ (سولنگي، جون 2010: 150- 151)
مذڪوره مسئلي تي ڏنل راءِ پيرائتي آهي ۽ عربي صورتخطيءَ جي اثر کان مڙئي عالم ان راءِ سان ئي سلهاڙيل آهن. پر پوءِ به اسان جي صورتخطيءَ ۾ اهڙو مسئلو ڪٿي نه ڪٿي منـﮨـن ضرور ڪڍي ٿو؛ خود سولنگي صاحب مستند ڪتابن جي نادرستگيءَ جو اشارو ته ڪيو آهي ليڪن ساڳئي جملي ۾ انگريزي لفظ Number جو عربي- سنڌي صورتخطيءَ ۾ الٿو ڪيل لفظ ’نمبر‘ تي ڪو ڌيان ڏئي نه سگھيو. حالانڪ اهو لفظ به جنهن انداز ۾ ڳالهه ڪري ٿو ته ساڳئي اصول مطابق ’ننبر‘ ئي لکڻ گھربو هيس!
اصل ۾ سنڌي صورتخطيءَ ۾ اهو مسئلو طئي هجڻ باوجود، اهڙن انگريزي لفظن ۾ مسئلو بڻجي وري اڳيان اچي ٿو. ان صورت ۾ ٻه- چپوين آوازن اڳيان ايندڙ اهڙي ’ميم‘ جي حيثيت معلوم ڪرڻ لاءِ اڀياس جي ضرورت آهي، جنـﮨـن بابت انگريزي جا ڪتاب به خاموش آهن.

مسئلي جا  سوال
هن مسئلي جي اڀياس کي مؤثر بڻائڻ لاءِ چند اڀياسي سوال آڏو رکجن ٿا:
ڇا ’انب‘ يا ’کنڀ‘ جـﮨـڙن لفظن ۾ ٻن چپوين آوازن کان اڳ ايندڙ ’نون‘ کي ’نون ‘ چئون يا ’نون گھُڻو ‘؟
ڇا ٻن چپوين وينجن آوازن کان اڳ ايندڙ ’ميم‘ جي حيثيت ’گھڻي سُر‘ واري آهي؟
ڇا ٻين ٻولين/ صورتخطين ۾ اهڙي ’ميم‘ کي ’ميم‘ اکر ظاهر ڪندا آهن يا ’نون‘ اکر سان؟

سنڌي صورتخطي گھڻي ڀاڱي عربي صورتخطيءَ ۽ ان جي گھٽن گھيڙن جي پوئواري ڪندي آئي آهي. مذڪوره مسئلي بابت عربيءَ ۾ مسئلو طئي ٿيل آهي. عربي ٻوليءَ ۾ واضح رهي ته نون ۽ ميم جو اکر گهُڻي (Nasal) طور به ڪم آندو ويندو آهي. عربي آوازن جي حوالي سان ’تعليم التجويد‘ جي لکندڙ گُهڻي آوازن لاءِ ڄاڻايو آهي ته: ”غنه معنى گُهڻون آواز. صفت غنه ٻن حرفن ’ن‘ ۽ ’م‘ ۾ ٿيندي آهي. ’ن‘ ۽ ’م‘ کي مُغنو به چئبو آهي. انهن جي اچار مـﮨـل آواز نڪ جي پاڙ مان ايندو آهي. ’نون‘ ۾ غنائي ’ميم‘ کان وڌيڪ آهي.“   (امير، ؟:  23)
سنڌي ٻوليءَ جي عالمن ’ميم‘ کي گھُڻي وينجن جي صورت ۾ ئي تسليم ڪيو آهي؛ ساڳي صورتحال هندي ٻولين ۽ صورتخطين جي آهي؛ انگريزي ٻوليءَ جي رسم الخط ۾ به ’m‘ کي سُر ۾ تسيلم نه ڪيو ويو آهي.
حقيقت ۾، ٻن چپوين وينجن آوازن: ’ب، ٻ، ڀ، پ، م‘ کان اڳ ايندڙ ’ميم ساڪن‘ (Vowelless M) جي آواز جي حيثيت گھُڻي واري بيـﮨـي ٿي؛ پوءِ اها ڪـﮨـڙي به ٻولي هجي. ياد رهي ته ’ميم متحرڪ‘ وينجن واري صورت وٺي بيـﮨـندو.

عربي ٻوليءَ ۾ مذڪوره آواز جي صورتخطي
عربي ٻولي توڻي صورتخطيءَ ۾ ’با، ميم، نون‘ کان اڳ ايندڙ ’نون ساڪن‘ توڻي ’ميم ساڪن‘ جي حيثيت گهُڻي واري آهي، هن صورت ۾ هيٺيان لفظ غور طلب آهن:
مِنۡ بَعۡدِ - بَشَرٌ مِّثلُنا - مِنۡ نُّطۡفَةٍ
ڄاڻايل لفظن جو هيٺين ريت ڇيد ڪري سگھجي ٿو:
صورتخطي: مِنۡ بَعۡدِ، بَشَرٌ مِّثلُنا
اچار جو جڙڻ: مِمۡ بَعدِ، بَشرُمۡ مِثلُنا
آواز جي حيثيت: ميم ساڪن، گھُڻو سُر

صورتخطي: مِنۡ نُّطۡفَةٍ
اچار جو جڙڻ:  منۡ نُطفة
آواز جي حيثيت: نون ساڪن، گھُڻو سُر 
هونئن ته ’نون ساڪن‘ جي حالت وينجن جي ئي ٿيندي آهي، ليڪن عربيءَ جي قاعدي ۾ پويان ايندڙ ٻئي نون سبب ’نون ساڪن‘ جي حالت ’گھُڻي سُر‘ واري مڃي وڃي ٿي. سنڌي ٻوليءَ ۾، مخرج جي بنياد تي، ’نون ساڪن‘ کي وينجن ۾ ئي تسليم ڪيو وڃي ٿو.

سنڌي ٻوليءَ ۾ مذڪوره آواز جي صورتخطي
مٿين مثالن ۾ چپوين وينجن آوازن ’ب‘ ۽ ’م‘ کان اڳ ايندڙ ’ميم ساڪن‘ جي حيثيت گھُڻي سُر واري آهي. سنڌي صورتخطيءَ ۾ وڌيڪ ٻه- چپوين وينجن آوازن ’ب، ٻ، ڀ، کان اڳ ايندڙ ’ميم ساڪن‘ کي مڙني عالمن، عربي صورتخطيءَ جي تقليد ۾، ’نون- اکر‘ سان لکڻ جي راءِ رکي آهي؛  انـﮨـن چپوين آوازن ۾ ’پ ۽ م‘ جو به اضافو ڪري سگھجي ٿو. يعني ’ب، ٻ، ڀ، پ ۽ م‘ کان اڳ ايندڙ ’ميم ساڪن‘ کي ’گھُڻو‘ سمجھي، ’نون- اکر‘ سان لکڻ گھرجي، ڇاڪاڻ ته عربي توڻي تقليدي صورتخطين ۾ عام طور تي ’گھُڻي‘ جو ڪم ’نون- اکر‘ کان ئي ورتو ويندو آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته سنڌي صورتخطيءَ ۾ ’نون گھُڻي‘ جي صورتخطيءَ وارو مونجھارو ته اڄ سوڌو ٽنگيو پيو آهي.
اوائلي عربي- سنڌي صورتخطيءَ موجب ’گھُڻائپ‘ کي واضح ڪرڻ لاءِ ’ميم- اکر‘ کان به ڪم ورتو ويندو هو. ان حوالي سان ڊاڪٽر بلوچ جو هيٺيون حوالو غور طلب آهي، هو صاحب ڄاڻائي ٿو ته: ”سنڌ جي عالمن ’نون گُهڻي‘ کي واضح ڪرڻ لاءِ ’ن‘ کان پوءِ يا ان جي جاءِ تي ’م‘  به ڪم آندو … لفظن جي آخر ۾ ’هه‘ ۽ ’ء‘ کان پوءِ ’ن‘ واري گُهڻٖي اچار کي ’م‘ جي آواز ذريعي نروار ڪيو ويو، جيئن:
جڏهم = جڏهن. ماڳهم = ماڳهين.
ڪڏهم = ڪڏهن.          سائينم = سائين.“  (بلوچ، 1999: 443)
اها ڳالهه ته چِٽي ٿي ته سنڌ جا پراڻا عالم ان ننڍڙي مسئلي کان چڱيان واقف هئا، جنـﮨـن سبب ’نون گھُڻي‘ وارو ڪم ’ميم- اکر‘ کان به وٺندا هئا. موجوده حالتن ۾ درست- نادرست واري راءِ نه ٿي رکي سگھجي، بلڪ هلندڙ رواج کي ئي اهميت ڏيڻي پوندي آهي. ان صورت ۾ هيٺ چند لفظن جي عام صورتخطيءَ واري راءِ ۾ پنـﮨـنجي راءِ به شامل ڪجي ٿي:
(1) ٻه- چپوين آواز ’ب‘ جو اکر
لفظ: قمبر/ قنبر- گمبٽ/ گنبٽ
جڙندڙ اچار: ميم ساڪن- گھُڻو
ترجيحي صورت: قنبر- گنبٽ
(جيڪڏهن گنبٽ انگريزي لفظ آهي، پوءِ ته ’ميم‘ سان لکڻ بهتر آهي؛ پر جيڪڏهن سنڌي لفظ آهي ته عربي- سنڌي صورتخطيءَ پٽاندر ’ن‘ گھُڻي سان لکڻو پوندو)
(2) ٻه- چپوين آواز ’ٻ‘ جو اکر
سنڌي ٻوليءَ ۾ عام طور اهڙا لفظ ڪونه ٿا ملن.
(3) ٻه- چپوين آواز ’ڀ‘ جو اکر
لفظ: ڀمڀور/ ڀنڀور - ٿمڀو/ ٿنڀو
جڙندڙ اچار: ميم ساڪن- گھُڻو
ترجيحي صورت: ڀنڀور – ٿنڀو
(4) ٻه- چپوين آواز ’پ‘ جو اکر
لفظ:  جھمپير/ جھنپير
جڙندڙ اچار: ميم ساڪن- گھُڻو
ترجيحي صورت: جهنپير
(5) ٻه- چپوين آواز ’م‘ جو اکر
سنڌي ٻوليءَ ۾ عام طور اهڙا لفظ ڪونه ٿا ملن.

ديوناگري رسم الخط ۾ مذڪوره آواز جي صورتخطي:
ديوناگريءَ ۾ لکجندڙ هندي ٻوليءَ موجب مذڪوره پيدا ٿيندڙ ’ميم ساڪن‘ آواز کي ’ميم‘ جي صورت ۾ ئي لکندا آهن؛ ليڪن جيئن ته هن آواز جي حالت ’ميم ساڪن‘ واري بيـﮨـندي آهي ان صورت ۾ ’ميم‘ جي اکر کي ’اڌ‘ صورت ۾ لکيو ويندو آهي. ياد رهي ته ديوناگري آئيويٽا جو هر اکر ’زبر‘ سان ئي اچاريو ويندو آهي. هيٺ چند لفظ ديوناگري صورتخطيءَ ۾ پيش ڪجن ٿا:
سنڌي صورتخطيءَ موجب: ڳنڀيرتا/ گمڀيرتا
ديوناگري صورتخطيءَ موجب: gµDIƒqw  (ميم ساڪن، اڌ صورت ۾)
سنڌي صورتخطيءَ موجب: عنبر/ امبر
ديوناگري صورتخطيءَ موجب: Aµbr (ميم ساڪن، اڌ صورت ۾)
سنڌي صورتخطيءَ موجب: سنپورن/ سمپورن
ديوناگري صورتخطيءَ موجب: sµpUrn (ميم ساڪن، اڌ صورت ۾)
سنڌي صورتخطيءَ موجب: بنبئي/ بمبئي (ممبئي)
ديوناگري صورتخطيءَ موجب: bµbई (ميم ساڪن، اڌ صورت ۾)

ڏٺو وڃي ته مختلف رسم الخطن (Script) جو مزاج پنهنجو آهي، ان صورت ۾ طئي ٿيل انداز سان لکڻ ۾ ڪوبه حرج ڪونهي؛ ليڪن اها ڳالهه واضح آهي ته ديوناگري رسم الخط ۾ اهڙي ’ميم ساڪن‘ لاءِ ’ميم جو اڌ اکر‘ ڪم آندو ويندو آهي. ديوناگريءَ موجب اهڙي ’اڌ- ميم‘ جي حيثيت ’ميم وينجن‘ واري ڪانهي، بلڪ ’گھُڻي (Nasal) واري آهي.

انگريزي ٻولي/ رومن رسم الخط ۾ مذڪوره آواز جي صورتخطي
انگريزي ٻوليءَ ۾ مذڪوره معاملي جي حوالي سان پروفيسر علي نواز جتوئيءَ لکيو آهي ته: ”انگريزي زبان ۾ /Impossible/ اصل ۾ /In + possible/ آهي، جنـﮨـن مان [p] جي اثر سببان [n] بدلجي [m] ٿي وئي آهي.“ (حوالو ڄاڻايل)
ڏٺو وڃي ته ديوناگري صورتخطي ۽ انگريزي صورتخطي ۾ ’ميم ساڪن‘ کي ان جي خارج ٿيندڙ آواز موجب لکڻ ۾ مُماثلت آهي. انگريزيءَ ۾ گھڻي قدر خارج ٿيندڙ آواز [m] جو ئي استعمال ڪندا آهن، جيئن: Number.
جنـﮨـن کي به اسين غلط يا صحيح واري تارازيءَ ۾ توري نه ٿا سگھون؛ البته، ان جي حيثيت تي غور ڪرڻ جو دڳ ڪنـﮨـن ڪونه روڪيو آهي.
بچپن کان وٺي اهوئي بنيادي انگريزيءَ ۾ رٽرايو ويندو آهي ته ’انگريزيءَ ۾ پنج واول: ‘a, e, i, o, u’ ٿيندا آهن، ‘y’ ڪڏهن ٿيندي آهي، ڪڏهن ڪونه ٿيندي آهي؛ ان کان علاوه ‘h, w’ اڌ واول ٿيندا آهن.‘ حقيقت ۾ بنيادي استادن سٺي نموني ڪونه سمجھايو ته ‘y’ اکر ڪـﮨـڙين حالتن ۾ واول ٿيندو، ڪـﮨـڙين حالتن ۾ ڪونه ٿيندو! ساڳئي نموني ‘u’ جي حالت ٿئي ٿي. مطلب ته اڄ سوڌو Vowel يا Vowel letter ۾ به فرق ڪري نه سگھندا آهن ۽ هٿرادو وضاحتن ۽ جوازن سان سمجهايو ويندو آهي.
پوءِ جڏهن بزرگ استادن ۽ ماهرن جي صحبت جو شرف حاصل ٿيو ته واول جي بنيادي اصول جو پتو پيو؛ ۽ پوءِ ان اصولن آڌار اڀياس جي دائري کي وڌايو ويو ته ڪافي نواڻ سامهون آئي. 1990ع ڌاران خيرپور ۾ ’سرٽيفڪيٽ آف ٽيچنگ‘ جي سالياني ڪورس دؤران جناب الـﮨـه ڏتو سـﮨـتو، پرنسپال گورنمنٽ ايليمينٽري ڪاليج آف ايجوڪيشن حيدرآباد هڪ وزٽ دؤران ’واولز‘ بابت ٻڌايو ته ‘L, M, N’ به واولز آهن. ائين چئي مرحوم ڪلاس مان هليو ويو. اسين سڀ حيران ته اهي وري ڪيئن؟ بـﮨـرحال، پوءِ ڪنـﮨـن به ان تي غور ڪونه ڪيو ۽ هڪ هوائي ڳالهه سمجھي ان کي نظرانداز ڪيو ويو. منـﮨـنجي دماغ ۾ ‘L, M, N’ جي واولز هجڻ جو جنڊ ڦرندو رهيو. ڪافي عرصي بعد ان جي حقيقتن کي معلوم ڪري سگھيس.
هيٺ ‘L, M, N’ جي واول هجڻ جي اڀياس بعد لاڳاپيل نڪتي تي اچي سگھبو:
ياد رهي ته واول جو اصطلاح آواز سان تعلق رکي ٿو جڏهن ته عام طور واول ليٽرز کي واول چيو ويندو آهي. انگريزيءَ ۾ پٽڙا آواز (liquid sounds: L, M, N) ’ايل، ايم ۽ اين‘ پڻ ٻئي سر واري اکر سان ملي ٻٽن سرن (Diphthong) ۾ شامل هجڻ سمجھيو ويو آهي. انلاءِ ’S‘ جو شروعاتي آواز ’اِس‘ يا ’سِ‘ ڪڍڻ لاءِ هڪ قاعدو پڙﮩـايو ويو ته جيڪڏهن ’S‘ بعد ڪو سر (vowel)، اڌ سر H ۽  W يا پٽڙا آواز L, M, N اچن ته ان صورت ۾ ’S‘ جو اچار ’س‘ سان ڪڍبو، ٻي صورت ۾ ’اِس‘  (س اڳيان هلڪي ننڍي سُر) جو اچار ڪڍبو؛ مثلاً:
[a] سان Sat, same جو اچار ’سيٽ ۽ سيم‘ ڪڍبو.
[e] سان Settle, sell جو اچار ’سيٽل ۽ سيل‘ ڪڍبو.
[i] سان Sit, silly جو اچار ’سٽ، سلي‘ ڪڍبو.
[o] سان Sort, solar جو اچار ’سورٽ، سولر‘ ڪڍبو.
[u] سان Surname, suck جو اچار ’سرنيم، سَڪ‘ ڪڍبو.
[y] سان Symbol, syrup جو اچار ’سيمبل، سيرپ‘ ڪڍبو.
(ياد رهي ته ’Y‘ جو اکر پڻ ’U‘ اکر جيان (جيئن: A university ۾) سُر ۽ وينجن ٻنهي طور ڪم ايندو آهي. صرف اهو جاچڻو پوندو آهي ته ڪـﻫـڙي هنڌ، ڪـﻫـڙي حالت ۾ اچارجي ٿو. جيڪڏهن اچارڻ مـﻫـل ڪنـﻫـن مخرج وٽ روڪ رنڊڪ ۾ ڳالهائڻ جا عضوا شامل ٿين ٿا ته وينجن ڀانئبو، پر جيڪڏهن ڪنـﮨـن ٻئي وينجن آواز کي سُر ڏيڻ خاطر، بنا ڪنـﮨـن روڪ رنڊڪ جي اچارجي ٿو ته ان صورت ۾ اهو سُر ئي ڀانئبو.)
ان کان پوءِ پٽڙن آوازن L, M, N سان ڪڍبو ته به ’S‘ جو اچار ’س‘ جو نڪرندو، جـﮨـڙوڪ:
Slow, slice پٽڙي آواز سبب هتي به ساڳئي نموني ’سلو ۽ سلائيس‘ جا اچار نڪرندا.
Smart, small پٽڙي آواز سبب هتي به ساڳئي نموني ’سمارٽ، سمال‘ جا اچار نڪرندا.
Snow, snake پٽڙي آواز سبب هتي به ساڳئي نموني ’سنو ۽ سنيڪ‘ جا اچار نڪرندا.
Shake, shirt ۾ ’h‘ جي هجڻ سبب هتي ’س‘ جو وسرڳي آواز ڪڍبو؛ اصل ڳالهه ته ’S‘ اڳيان ’الف وارو هلڪو ننڍو سُر‘ ڪونه ڳنڍبو.
Swallow, sweet هتي پڻ اڌ سر سبب ’س‘ جو اچار وٺبو.
ٻي صورت ۾ ’S‘جو آواز ’اس‘ اچاربو؛ جيئن:
Scale, school, sketch, skin, spoon, spring, square,
Squash, staff, station, store, star, spot.

 ’L‘ جو ٻئي سر سان ڳنڍجي هڪ مقرر سرVowel) ) طور ڪم اچڻ:
           
آ  = ’al‘
Ball, balk, balm, calf, chalk, calm, half, hall, small, stall,
Wall, palm, talk, tall, swallow, walk, swalk, qualm.

اٖي = ’el‘
Bell, tell, sell, cell, jelly, yell, yellow, well.

اِ  = ’il‘
Bill, fill, hill, ill, kill, mill, till, skill, shrill, will.

اٗو =ol’ ‘
Folk, yolk, doll, atoll, volley.

اُ ۽ اَ = ‘ul’ & ‘oul’
Bull, pull, could, should, would, dull, null.

‘N’ انگريزي صورتخطيءَ ۾ نون وينجن کان علاوه نون گھُڻي طور پڻ ڪم اچي ٿو. ’n‘ کي ته گھُڻي سرُ کان علاوه سڌو سنئون سر طور به ڪم آيل آهي، مثال: autumn, column  وغيره. هيٺ چند لفظ خيال خاطر رکجن ٿا:
‘N’ جو اکر وينجن طور: New, Sun, Done, Pen, dent etc.
‘N’ جو اکر ’گھُڻي سُر‘ طور: Sink, Song, Being, Flying etc.
‘N’ جو اکر سُر طور: Column, Autumn, Solemn etc.

‘M’ جو اکر پڻ وينجن سان گڏوگڏ سُر طور ڪم آيو آهي. سنڌي صورتخطيءَ ۾ ’ميم ساڪن‘ بابت بحث ٿي چڪو آهي، ساڳئي نموني انگريزي چپوين وينجن آوازن ’B، M ۽ P‘ کان اڳ ايندڙ ‘M’ جو اکر پڻ سُر جي حيثيت ۾ بيـﮨـي ٿو؛ ان جي اهم سببن ۾ ’ميم ساڪن‘ (zero vowel- M) جو آواز آهي.
پروفيسر جتوئي صاحب M ۾ تبديل ٿيڻ جو اشارو ڏيندي ڄاڻايو آهي ته: ”انگريزي زبان ۾ /Impossible/ اصل ۾ /In + possible/ آهي، جنـﮨـن مان [p] جي اثر سببان [n] بدلجي [m] ٿي وئي آهي.“ (حوالو ڄاڻايل)
اصل ۾ اهو ساڳيو اصول انگريزي ٻه- چپوين آوازن (Bilabial Sounds)  ’B، m ۽ P‘ سان لاڳو ٿئي ٿو، هيٺ خيال خاطر چند مثال پيش ڪجن ٿا:
Prefix: In > Im
Word origin (b, m, p): In + balance, In + mature, In + Perfect
Colloquial Orthography: Imbalance, Immature, Improper

هيٺ ڄاڻايل اڳياڙيءَ سان چند ٻيا مثال پيش ڪجن ٿا:
Im ---- (Prefix) not, the opposite of {form of ‘in ---’, used before ‘b, m and p’}:
Example:  imballance; immature, immeasure, immoral; impress, improve, imprint, import, impatient, imperfect, impure, impossible, impersonal, immovable…
هي ساڳيو معاملو آهي جنـﮨـن بابت سنڌي صورتخطيءَ ۾ بحث ٿي چڪو آهي، واضح هجي ته انگريزي چپوين وينجن آوازن ’B، M ۽ P‘ کان اڳ ايندڙ ‘M’ جو اکر ساڳئي سنڌي صورتخطيءَ نموني سُر جي حيثيت ۾ بيـﮨـي ٿو؛ ان جي اهم سببن ۾ ’ميم ساڪن‘ جو آواز آهي.
ان کان علاوه اهو به محسوس ڪيو ويو آهي ته انگريزي ٻوليءَ ۾ ‘R’ جو اکر ڪڏهن ڪڏهن سرَ (vowel) طور به ڪم اچي ٿو. ان حوالي سان پروفيسر علي نواز جتوئي مرحوم ’گڏيل سر‘ (Mixed vowels) جي عنوان ۾ ڄاڻائي ٿو ته: ”ڪن ٻولين جـﮨـڙوڪ انگريزيءَ ۾ ٽِسُرو آواز (Triphthong) به ٿيندو آهي، جـﮨـڙوڪ: چيئر  (Chair) ۽ ٽائئر (Tyre) وغيره لفظن ۾. انهن لفظن جي پڇاڙيءَ واري ’ر‘ جو آواز ڪونه اچاربو آهي.“  (جتوئي، 1996: 47)
ساڳي ڳالهه پروفيسر محمد عمر چنڊ صاحب اڻ سڌيءَ طرح، بلڪ سنڌيءَ جي ادغامي ’ر‘ وارن آوازن سان انگريزي ’R‘ جي آوازن جي ڀيٽ هيئن ڪري ٿو ته: ”اول ته هي [ٽر ۽ ڊر] جو مسئلو انگريزيءَ ۾ اسٽار، واٽر يا هارڊ [star, water, hard] کان مختلف آهي، جنـﮨـن ۾ [ر] فونيم (صوتيو) هارڊ، واٽر يا اسٽار جهڙن لفظن ۾ اصلئون موجود آهي، پر اچارڻ وقت انگريزن جي ڪن لـﻫـجن ۾ حذف ٿئي ٿي ۽ انهن لفظن جو اچار [اسٽا]، [واٽ] ۽ [هاڊ] = [[sta:, wata: and had ’ر‘ کان سواءِ ٻڌڻ ۾ اچي ٿو. دراصل انهن لفظن ۾/ ر/ اصلئون فونيم جي حيثيت ۾ موجود آهي ۽ فونيم جي حيثيت ۾ حذف ٿي ٻڌڻ ۾ نه ٿي اچي.“  (چنڊ، 2004: 133)  
ان کان علاوه اها ڳالهه به ڏٺي وئي آهي ته انگريزي شاعريءَ جي وزنن واري علم Prosody ۾ به ’R‘ ۽ ’ L‘ جي حيثيت جـﮨـڙوڪر سُرَ واري آهي. جيئن:
A syllable is short if its vowel is a short one and not followed by two or more consonants (except for the following groups noted).
‘br, cr, dr, fr, gr, pr, tr, fl, gl, pl’.  (Collins, 1996: 405)

مٿين انگريزي لفظن تي ڳالهائڻ مان مراد اها هئي ته انگريزي ۾ ’m‘ به سُر (vowel) جي حيثيت رکي ٿي.

نتيجو: سنڌي صورتخطيءَ ۾ ٻن چپوين آوازن ’ب، ٻ، ڀ، پ ۽ م‘ کان اڳ بڻجندڙ ’ميم ساڪن‘ جي آواز کي ’گھُڻو‘ (Nasal Vowel) سمجھي ’نون‘ اکر سان لکيو ويندو آهي، جيئن: قنبر، ڀنڀور، عنبر وغيره. جڏهن ته انگريزي صورتخطيءَ ۾ اهڙي ’ميم ساڪن‘ آواز جي حيثيت ’گھُڻي‘ واري ئي آهي ۽ ان کي ’ايم‘ جي اکر سان لکيو ويندو آهي. ان صورت ۾ انگريزي لفظن جو الٿو ’ميم‘ سان ئي لکڻ گھرجي، جيئن: نمبر، سيمبل وغيره. ساڳي صورتحال هندي ٻوليءَ جي صورتخطيءَ جي آهي، جيڪي پڻ ’ميم ساڪن‘ (اکر جي اڌ حالت) جي ئي صورت ۾ لکندا آهن، ان صورت ۾ ٺيٺ هندي لفظن کي ساڳئي نموني ’ميم ساڪن‘ سان لکڻ ۾ ڪو حرج ڪونهي، جيئن: امبر، بمبئي وغيره. (جوکيو، 2011: 49- 78)
’انب‘ ۽ ’کنڀ‘ وغيره لفظن ۾ ’ن‘ جي حيثيت گھُڻي سُر واري آهي، جنهن سبب ان کي ’نون گھُڻي‘ سان لکڻ تي اتفاق آهي. پر، جڏهن انهن سنڌي لفظن کي رومن اسڪرپٽ ۾ لکبو ته ان صورت ۾ ’ايم‘ اکر ڪم آڻبو.

حوالا/ ذريعا
انور، امير الدين، ابوالخليل ( ؟ ) تعليم التجويد- الجامعة المدينه تجويد القرآن گھوٽڪي.
بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر (1999)- سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ- پاڪستان اسٽڊي سينٽر ڄامشورو.
جتوئي، علي نواز، پروفيسر (1996) علم لسان ۽ سنڌي زبان- انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄامشورو.
جوکيو، الطاف حسين (2011 ب) ادغام/ سَنڌيءَ ۾ آوازن جي ضم ٿيڻ/ مٽجڻ جو اڀياس. ايڊيٽر: ميمڻ، محمد سليم، پروفيسر. ڪلاچي: تحقيقي جرنل، 10 (2)، 49- 78. ڪراچي يونيورسٽي: شاه عبداللطيف ڀٽائي چيئر.
چنڊ، محمد عمر (2004) سنڌي ٻولي: لسانياتي جاگرافي، آراڌايون ۽ لفظي ترتيب- سنڌي لئنگويج اٿارٽي حيدرآباد.
سرهيو، عبدالـﮨـادي (1976) علمي تحفو- هادي پبليڪيشنس لاڙڪاڻو. 
سولنگي، مجاهد (جون- 2010) سنڌي ٻوليءَ ۾ ادغام يا سَنڌي جو استعمال. ايڊيٽر: محمد سليم ميمڻ، ڪلاچي، تحقيقي جرنل- 13 (1). شاه عبداللطيف چيئر ڪراچي.

William Collins (1996) Collins Latin Dictionary - Harper Collins publishers, Italy.

Comments