واحد- جمع حالت ۾ ماقبل آخري سُر آواز جو اڀياس

Sindhi language grammar singular plural

واحد- جمع حالت ۾ ماقبل آخري سُر آواز جو اڀياس

سنڌي ٻوليءَ جي مزاج ۾، ماقبل آخري (Second last) سُر (Vowel) جي اهميت مذڪر- مؤنث کان علاوه واحد- جمع ۾ به نوٽ ڪئي وئي آهي. عام طور اهو ئي تصور ڪيو ويندو آهي ته سنڌي ٻوليءَ جو هر لفظ جو خاتمو متحرڪ وينجن سان ٿيندو آهي. ان رٽيَل تصور سبب حيدرآبادي/ لاڙي عالم اڪثر مغالطي ۾ رهندي، آخري ساڪن آوازن کي به متحرڪ بڻائيندي مختلف صورتخطيون پيش ڪندا آهن.
جيئن مذڪر- مؤنث ۾ ڪم آندل ضميري پڇاڙيون (م ۽ س) ساڪن رهنديون آهن، تيئن حالت جريءَ واري صورت ۾ جمع ۾ ڪم ايندڙ ’نون‘ ساڪن رهندو آهي. ان حوالي سان ڊاڪٽر جيٽلي، ننديرام ميراڻي سيوهاڻيءَ جي ’باب نامي‘ جي صورتخطيءَ تي تنقيد  ڪندي لکي ٿو ته: ”هن حالت ۾ عام عدد جمع جي صورتن ۾، ڪن هنڌن تي آخري وينجن ساڪن آهي ته ڪن ٻين هنڌن تي ان هيٺان زير لکي آهي:
آڱِرِيُنِ، لُوڪَنِ، اَکرَن، ٻارَن.“     (جيٽلي، 1999: 177- 178)
ڊاڪٽر جيٽلي صاحب جي حوالي ڏيڻ مان مراد اها آهي ته صاحب موصوف هن مسئلي کي ڄاتو ضرور آهي يا ننديرام جي صورتخطيءَ ۾ آخري نون جي ساڪن جو استعمال توجه طلب ضرور آهي. هت سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته:

جمع جي صورت ۾ آخري نون ساڪن رهندو يا متحرڪ؟
هي مسئلو ڇوٽن سُرن جي حوالي سان، آخري وينجن جي متحرڪ يا ساڪن جو آهي، جنـﮬـن ڏانـﮬـن حيدرآبادي/ لاڙي لـﮬـجي جي بي- حسي نوٽ ڪئي وئي آهي. مسٽر دلامل بولچند صاحب ’سنڌي ٻوليءَ جي آخري وينجن متحرڪ‘ جي نسبت اسم جي حالتن آهر جمع صورت ۾ ’نون متحرڪ‘ ڪم آندو آهي، جنـﮬـن جا چند مثال پيش ڪجن ٿا:
واحد: زالَ (Nominative) – زالَ (Inflected)
جمع: زالُون (Nominative) – زالُنِ (Inflected)
واحد: دوا (Nominative) – دوا (Inflected)
جمع: دوائُون (Nominative) – دوائُنِ (Inflected)
واحد: اَکِ (Nominative) – اکِ (Inflected)
جمع: اکيُون (Nominative) – اکيُن (Inflected)
واحد:  ڪرسي (Nominative) – ڪرسيءَ (Inflected)
جمع: ڪرسيُون (Nominative) – ڪرسيُن (Inflected)
واحد: گھوڙو (Nominative) – گھوڙٖي (Inflected)
جمع: گھوڙا (Nominative) – گھوڙَنِ (Inflected)
واحد: ڀيڻُ (Nominative) - ڀيڻُ (Inflected)
جمع: ڀينَرُ (Nominative) - ڀينَرُنِ (Inflected)
واحد: ڳئُون  (Nominative) – ڳئُونءَ (Inflected)
جمع: ڳئُون (Nominative) – ڳئُنِ (Inflected)
(Bulchand, 2003: 27) 
مسٽر دلامل بولچند صاحب اسم جي حالتن آهر جمع صورت ۾ آخري نون متحرڪ بيـﮬـاريو آهي، جيڪو ٻوليءَ جي نسبت ساڪن ئي بيـﮬـڻ گھرجي. هيٺ سنڌي ٻوليءَ جي نسبت چند ننڍڙا جملا خيال خاطر ڏجن ٿا: 
ڪتابَن ۾ لکيل آهي.
ڪٻٽَن ۾ رکيل آهي.
ميزُن تي پيل آهي.
ميزُن هيٺان پيل آهي.
ڪتو، ٻليُن مٿان ٽپي ٿو. 
دريُن مان ڏسڻ اچي ٿو.
ڀتيُن کان گس ٺـﮬـيَل آهي.
هي رستو محلَن ڏانـﮬـن وڃي ٿو.
دڪانَن تان ورتل آهن.
هاري ٻنيُن ڏانـﮬـن وڃن ٿا.
بدنيت ماڻُهن کي ڪـﮨـڙي پارت!
وڏَن جو ادب ۽ ننڍَن سان پيار ڪرڻ گھرجي!

نون ساڪن ۽ ماقبل آخر  وينجن جي سُر جِي ڇنڊ ڇاڻ
مٿين جملن ۾ ڪم آندل لفظن جون واحد- جمع صورتون رکي ڇنڊڇاڻ ڪجي ٿي:
واحد: ڪتابُ - جمع: ڪتابَ - حالتن موجب جمع: ڪتابَـ + نۡ
واحد: ڪٻٽُ - جمع: ڪٻٽَ - حالتن موجب جمع: ڪٻٽَـ + نۡ
واحد: محلُ - جمع: محلَ - حالتن موجب جمع: محلَـ + نۡ
واحد: ماڻُهو- جمع: ماڻُهون/ ماڻُهو - حالتن موجب جمع: ماڻُهـ (اُون > اُ)/ (اُو > اُ) + نۡ
واحد: ميزَ - جمع: ميزُون - حالتن موجب جمع: ميزُ (اُون > اُ) + نۡ
واحد: ٻلِي- جمع: ٻليُون - حالتن موجب جمع: ٻليُـ (اُون > اُ) + نۡ
واحد: درِي - جمع: دريُون - حالتن موجب جمع: دريُـ (اُون > اُ) + نۡ
واحد: ڀتِ - جمع: ڀتيُون - حالتن موجب جمع: ڀتيُـ (اُون > اُ) + نۡ
واحد: وڏو - جمع: وڏا - حالتن موجب جمع: وڏَ (آ > اَ) + نۡ
واحد: ننڍو - جمع: ننڍا - حالتن موجب جمع: ننڍَ (آ > اَ) + نۡ
(جوکيو، 2011: 42- 95)
مٿين لفظن جي ماقبل جي تبديل مان يقيني طور تي واضح ٿئي ٿو ته مختلف حالتن آهر جمع صورت ۾ ايندڙ آخري ’نون‘ ساڪن ئي بيـﮬـندو؛ ٻي صورت ۾ ٻه ننڍڙا سوال ضرور اڀرن ٿا:
جيڪڏهن آخري ’نون‘ کي متحرڪ رکيو ويندو هجي، ته پوءِ ماقبل آخر وينجن جي سُرن تبديل ڪرڻ جي ڪــﮨـڙي ضرورت؟
جيڪڏهن آخري  ’نون‘ کي متحرڪ ڪجي ته جمع جي صورت ۾ ’زبر‘ ڪم آڻجي يا ’زير‘؟

پـﮬـرئين سوال جو جواب ته مٿين ڇنڊڇاڻ مان ئي واضح ملي ٿو؛ باقي ٻئي سوال جو جواب هيٺين جملن مان واضح ملي سگھي ٿو:
زبر سان ’نون‘، جمع جي صورت ۾: ڪٻٽَنَ ۾ ڪتابَ موجود آهن. ڪتابَنَ مان ئي املهه ماڻڪ حاصل ٿيندا آهن.
زير سان ’نون‘، جمع جي صورت ۾: ڪٻٽَنِ ۾ ڪتابَ موجود آهن. ڪتابَنِ مان ئي املهه ماڻڪ حاصل ٿيندا آهن.

ٻوليءَ جا ماهر توڻي ڳالهائيندڙ ڄاڻايل جملن ۾ ٻنهي قسمن جي متحرڪ ’نون‘ مان ڪنـﮬـن به هڪ قسم کي تسليم ڪونه ڪندا ۽ نه وري ڪن ٿا! ڇاڪاڻ ته جن جملن ۾ جمع صورت سان حرف جر لڳي ٿو، اتي زير بنه ڪم نه ايندي. ٻوليءَ جا ڄاڻو سمجهن ٿا ته اهڙن جملن ۾ 'زير' جو ڪردار حرف جر وارو آهي. 
جڏهن چئجي ٿو ته: 'مان گهرِ آهيان' ان مان مراد ئي آهي ته 'مان گهرَ ۾ آهيان'... 
’مان اسڪولِ وڃان ٿو‘ ان مان مراد آهي ته ’مان اسڪولَ ڏانهن وڃان ٿو‘
اهڙي حالت ۾ حرف جر سان زير جو استعمال نه ٿيندو بلڪ نون ساڪن رهندو... 
ٻوليءَ جي مزاج مطابق جڏهن ’حرف جر‘ ڪم اچي ٿو ته پوءِ ’حرف جر‘ واري زير جو ڪو ڪردار نه ٿو رهي.

نتيجو: سنڌي ٻوليءَ ۾ عام لفظن جو آخري وينجن (Consonant) متحرڪ (زبر، زير يا پيش سان) ٿيندو آهي. ڪن حالتن ۾ اها اعراب ماقبل آخر (Second last) تي هجڻ سبب آخري ساڪن هجڻ جو تصور ملي ٿو؛ جيئن: لکندُم (مذڪر)، لکندَم (مؤنث) – لکندُس (مذڪر)، لکندَس (مؤنث). ائين ئي جمع جي صورت ۾ گردان موجب/ حرف جر جي حالت ۾ ’نون ساڪن‘ رهي ٿو، جن جا مثال آهن:
ڪتابَ ڪٻٽَن ۾ موجود آهن.
ٻارَن کي خوش رکجي.
ڪاغذ ميزُن تي ٽڙيا پيا آهن.

حوالا/ ذريعا:
جيٽلي، مرليڌر، ڊاڪٽر (1999) ٻوليءَ جو سرشتو ۽ لکاوٽ-  دهلي: اکل ڀارتييه سنڌي ساهتيه.

جوکيو، الطاف حسين (2011) سنڌي لفظن جي لفظن ۾ آخري ۽ آخريءَ کان اڳ وينجن جي سُر ۽ آخري وينجن جي ساڪن هئڻ جو تصور. سنڌي ٻولي: تحقيقي جرنل، 4 (2)، ص: 42- 95. حيدرآباد: سنڌي لئنگويج اٿارٽي.
Bulchand, Dulamal [1901] 2003. A manual of Sindhi. Hyderabad: Sindhi Language Authority.

Comments