By: Kashif Dayo
علمي تحقيق جو مختصر تعارف An Introduction to Academic Research in Sindhi
الله تبارڪ وتعاليٰ انسان کي اشرف المخلوقات
ڪري موڪليو آهي ۽ انسان کي علم فطري خوبين سان نوازيو آهي جنهن جي بنياد تي انسان
پاڻ پتوڙيو، ۽ پنهنجو پاڻ کي بخشيل شرف ثابت ڪريو ۽ ڪندو رهي ٿو انهن ڏنل خوبين
مان هڪ خوبي انساني عقل به آهي جنهن جي استعمال سان انسان پنهنجو پاڻ کي وڏي درجي
تائين پهچايو آهي تحقيق ڪرڻ به انهن ڏنل فطرتي خوبين جو هڪ حصو آهي .
تحقيق جنهن کي انگريزي زبان ۾ رسرچ چيو وڃي ٿو
انگريزي ۾ ان جو مطلب هرگز ري.سرچ
Re-Search
|
هر انسان پنهنجي زندگيءَ ۾ تحقيق ڪندو رهي ٿو
،توهان پنهنجي روز مره جي زندگيءَ تي نظر وجهندوءَ ته توهان کي اها ڳالھ آساني سان
سمجھه ۾ اچي ويندي ،مثال طور بازار مان ڪا شيءِ خريد ڪرڻ وقت توهان وڏي سوچ ويچار
ڪندوء ۽ پنهنجي ڄاڻ جي بنياد تي سان صلاح مشوري سان ان تي شيءِ آخري فيصلو قائم
ڪندو ان شيءِ کي به ريسرچ چئبو آهي ان کان علاوه تحقيق جا ڪي ٻيا به مثال آهن مثلا
ڪو ادارو ڪنهن مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ تحقيق ڪندو آهي.
|
علمي تحقيق جو واسطو صرف ۽ صرف تعليم سان آهي
اعليٰ تعليمي ادارن جي مختلف شعبن ۾ تحقيق جو ڪم ٿيندو رهندو آهي ۽ ان سان ڳڏو ڳڏ
ان تحقيق کي لکت ۾ به محفوظ ڪيو ويندو آهي ته جيئن وري ٻيا ان تحقيق کي پڙهي ان
مان فائدو به وٺن ۽ اڳتي تحقيق جو ڪم جاري ۽ ساري رکي سگهن
علمي تحقيق کي وري هڪ خاص انداز ۾ لکيو ويندو
آهي جنهن کي انگريزي ۾
Academic Writing
|
ڪنهن به سائنس جي شاگرد کي اها ڳالھ پريشان ڪندي آهي
ته تحقيق جي لاءِ ڇا ضروري آهي يا تحقيق ڪهڙي شيءِ تي ڪجي، سچ پڇو ته تحقيق جي
لاءِ صرف هڪ سوال جو هجڻ لازمي آهي يا تحقيق جي لاءِ ڪنهن مسئلي جو هجڻ لازمي آهي
ان سوال جو جواب يا مسئلي جي حل کي ڳولهڻ کي اسان تحقيق جو نالو ڏيون ٿا.
Narrow down
|
Research Question
|
Security in peer to peer computing, Nod verification, Anonymity,
Privacy, through put etc.
|
Literature review
|
جي ذريعي به آساني سان
ٿي سگهي ٿي ان کان علاوه تحقيق
سوال جي تصديق به ڪري ٿو ۽ ان جي اهميت ۾ به اضافو ڪري ٿو
ٻيو سوال اهو آهي ته متعلقه لٽريچر ڳولهڻ جي
ڇا ڪجي، ڪيڏانهن وڃجي ، ان جي لاءِ هڪ کان وڌيڪ رستا آهن جهڙوڪ ،تحقيقي شاگرد
لائبريري جو رخ ڪري سگهي ٿو ، ڪنهن بڪ اسٽور تان ڪتاب خريد ڪري سگهي ٿو ۽ انٽرنيٽ
مان پڻ مدد وٺي سگهجي ٿي ، انٽرنيٽ تي هو آن لائن لائبريريز مان پنهنجي تحقيقي
سوال سان متعلقه مواد ڳولھي سگهي ٿو.
Dissertation, Thesis, Research Paper,
Patent
|
ان سلسلي ۾ گوگل وارن جي به هڪ مشهور سروس آهي
جنهن کي گوگل اسڪالر
www.scholar.google.com
|
اڪيڊمڪ ريسرچ سان ڳڏوڳڏ اڪيڊمڪ رائٽنگ به وڏو
عنوان آهي جيڪو هن ننڍڙي مضمون ۾ سمائجي نه ٿو سگهي،مختصر طور تي اڪيڊمڪ رائٽنگ جو
مطلب آهي ته توهان جيڪا تحقيق ڪئي آهي ان کي لکت ۾ محفوظ ڪرڻ جي طريقي کي اڪيڊمڪ
رائٽنگ چئبو آهي.
علم تحقيق ڪند ڙ جڏهن پنهنجو ڪم پورو ڪندا آهن
ته ان کي لفظن ۾ به محفوظ ڪندا آهن ته جيئن ٻيا وري ان تحقيق کي پڙهي سگهن.علمي
تحقيق کي لفظن ۾ سمائي جيڪا جنهن دستاويز تيار ڪبي آهي ان کي مختلف نالن سان سڏيو
ويندو آهي جهڙوڪ رسرچ رپورٽ ، ڊزرٽيشن ،ٿيسز، رسرچ پيپر وغيره
Dissertation
|
Thesis
|
ڊزرٽيشن ( ) : ڊزرٽيشن به هڪ رسرچ رپورٽ جو نالو آهي جنهن
جو دائرو پي ايڇ ڊي ليول تائين آهي.
Research Journal
|
Research Paper
|
تحقيقي رسالو ( ) : ڪنهن خاص مضمون جي مخصوص شاخ ۾ شايع ٿيل
رسرچ پيپرز جو مجموعو هوندو آهي ،مختلف پبليشرن يونيورسٽين پنهنجا پنهنجا رسرچ
جرنل متعارف ڪرايا آهن جيڪي سال ۾ هڪ، ٻه ٽي يا چار دفعا شايع ڪيا ويندا آهن.
Format
|
هاڻي وري رسرچ پيپر جو ڊانچو تي ٿورو اوهان کي ٻڌائجي ته
هر تحقيقي جرنل جي پنهنجو الگ الگ ڍانچو هوندو
آهي جنهن ۾ ان جو سڄو طريقه ڪار / نمونو اچي ويندو آهي ان ۾ عنوان ، سائيز ، ليکڪ
۽ انهن جو تعلق، ۽ انداز وغيره ٻڌايل هوندو آهي
ان کان پوءِ آخر ۾ وري ان جي ڪتابيات به ڏنل هوندي
آهي ۽ ان جي به الگ الگ فارميٽ هوندي آهي.
Comments
Post a Comment